لاهور (شوبز ڊيسڪ) پنجابي فلمن جي ناليواري اداڪار سلطان راهي کي مداحن کان وڇڙئي 29 ورهيه وهامي ويا، سلطان راهي ۽ مصطفيٰ قريشي جي جوڙي پاڪستاني فلمي دنيا ۾ مقبول جوڙي رهي، سندن فلم مولا جٽ باڪس آفيس تي ڪاميابيءَ جا رڪارڊ قائم ڪيا، سطان راهي پهريون پاڪستاني اداڪار آهي جنهن جو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ موجود آهي.