تازہ ترین

وياج جي شرح ۾ واڌ سميت ٻيا مسئلا حل ڪيا، معاشي استحڪام جو عوام کي رليف ملندو: گورنر اسٽيٽ بنڪ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بينڪ جر گورنر جميل احمد چيو آهي ته وياج جي شرح ۾ واڌ سميت ٻيا مسئلا حل ڪيا آهن، معاشي استحڪام جو عوام کي رليف ضرور ملندو. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جو چوڻ هو ته اڍائي سالن دوران غير ملڪي قرضن ۾ اضافو ناهي ٿيو، وياج جي شرح ۾ واضح گهٽتائي ڪئي وئي آهي، واپاري برادريءَ سان ملاقات سٺي ماحول ۾ ٿي، واپارين سان لاڳاپا ضروري آهن، ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ٿئي پئي، هن چيو ته ڪاروباري طبقو ايڪسپورٽس تي وڌيڪ ڌيان ڏي، مهانگائي جي شرح 38 مان گهٽجي 4.1 سيڪڙو تي پهتي آهي، خوراڪ جي حوالي سان شيون بهتر ٿي رهيون آهن. ڪرنٽ اڪائونٽ  هن وقت بهترين پوزيشن ۾ آهي، مٽاسٽا جا ذخيرا 35 ارب ڊالرز تائين پهچڻ جو امڪان آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.