ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران تحريڪ انصاف کان 9 مئي تي معافي وٺڻ جو مطالبو، سندس چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف پاران لکت ۾ مطالبا ڏيڻ سٺو سنئوڻ هوندو، تحريڪ انصاف فوري طور پاڪستان خلاف سازشون بند ڪري، هڪ طرف ڳالهيون ٻئي طرف وري سازشون درست ڳالهه نه آهي، 9 مئي تي ٿيل ڀڃ ڊاهه وارن واقعا ڪنهن کان لڪيل ناهن، تحريڪ انصاف وارن جي آزاديءَ جو فيصلو عدالتن کي ڪرڻو آهي، پي ٽي آءِ بنا ڪنهن جي حمايت جي گڏ ويهي ته معاملا اڳتي وڌي سگهن ٿا.