تازہ ترین

بلاول ڀٽو زرداري لياري انٽرنيشنل فٽبال اسٽيڊيم جو افتتاح ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بلاول ڀٽو زرداري لياري انٽرنيشنل فٽبال اسٽيڊيم جو افتتاح ڪري ڇڏيو، افتتاحي تقريب ۾ پ پ چيئرمين سان وڏو وزير مراد علي شاهه، صوبائي وزير محمد بخش مهر، سرجيل انعام ميمڻ ۽ سنڌ ڪابينا جا ميمبر، پارٽي عهديدار موجود هئا. ان وقعي تي فٽبال گرائونڊ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداريءَ جو چوڻ هو ته اڄ لياري پهچي تمام گهڻي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، سنڌ حڪومت ڪراچي جي عوام لاءِ منصوبو شروع ڪيو آهي، هن چيو ته هتي عورت رانديگرن جي موجودگي اسان جي ڪاميابي جو ثبوت آهي، اڄ لياري ۾ عالمي ليول جو فٽبال گرائونڊ قائم ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته  سنڌ جي هر ضلعي ۾ يوٿ سينٽر ٺاهيو ويو آهي، هميشه ڪوشش رهي آهي ته بهتر سهولتون ڏيون. تقريب کي صوبائي وزير محمد بخش مهر به خطاب ڪيو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.