تازہ ترین

منشيات ۽ دهشتگردي ڪيس: صحافي مطيع الله جان جي ضمانت منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت صحافي مطيع الله جان جي 10 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي. اسلام آباد جي دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت صحافي مطيع الله جان خلاف منشيات، دهشتگردي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ جي شروعات تي اي ٽي سي جي جج طاهر عباس سپرا پڇاڻو ڪيو ته مطيع الله جان کي ڪڏهن پيش ڪرڻو آهي؟ جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته مطيع الله جان کي 12 وڳي تائين پيش ڪيو ويندو، عدالت چيو ته مطيع الله جان کي عدالت جلد کان جلد پهچايو، جنهن بعد صحافي مطيع الله جان کي دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جج جاچ آفيسر کي هدايت ڪئي ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم نامي جي ڪاپي ڏيو، روبڪار ڪاٿي آهي، هِن حڪم نامي کي رڪارڊ سان اٽيچ ڪريو. جج طاهر عباس سپرا رمارڪس ڏنا ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم موجب مطيع الله جان کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي رهيو آهيان. ان تي درخواست گذار جي وڪيل چيو ته اسان ضمانت جي درخواست داخل ڪئي آهي ۽ اڄ ئي ٻڌڻي ڪئي وڃي. جج رمارڪس ڏنا ته توهان جي ضمانت واري درخواست 7 صفحن تي ٻڌل آهي، نوٽيس ڪري رهيو آهيان، نوٽيس جو مطلب آهي ته پراسيڪيوشن کي ڪي دليل ڏيڻا آهن ته ڏئي. مون ان ڏينهن به چيو هو ته اسڪرينن تي اچي صحافين جو ٻيڙو ٻڏي ويو آهي، جج عدالت کان ٻاهر صحافين جي ڳالهه ٻول جو حوالو ڏيندي چيو ته هڪ شخص جي ڊيوٽي آهي ۽ توهان عدالت مان نڪرندي پراسيڪيوٽر کي اهو چئو ته توهان حرام ٿا کائو، ۽ اڳيان به اهو جواب اچي ٿو ته توهان پنهنجون سوچون وڪرو ڪري رهيا آهيو. ڌرين جا موقف ٻڌڻ بعد عدالت چيو ته اڄ ئي نوٽيس ٿي ويو آهي ۽ 10 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ٿي ڪئي وڃي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.