تازہ ترین

پ پ جمهوريت لاءِ  قربانيون ڏنيون، شهيد ڀٽو پاڪستان کي آئين ڏنو ۽ ايٽمي طاقت بڻايو: شرجيل انعام ميمڻ

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پيپلزپارٽي جون ملڪ جي لاءِ  تمام وڏيون قربانيون آهن، چاهيون ٿا ته واپارکي هٿي ملي ۽ سيڙپڪاري ۾ واڌ ٿئي. حيدرآباد ۾ سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سيد ناصر حسين شاهه ۽ ٻين تقريب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي سدائين جمهوريت لاءِ  قربانيون ڏنيون آهن، شهيد ڀٽو پاڪستان کي آئين ڏنو ۽ ايٽمي طاقت بڻايو، هن چيو ته ملڪ ڪيتريون ئي سياسي پارٽيون ايٽم بم ٺاهڻ جو ڪريڊٽ پاڻ وٺڻ جي ڪوششون ڪنديون آهن، پر ملڪ ۾ ان جو بنياد پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وڌو هو، شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي سدائين عوام جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي، آصف علي زرداري بلوچستان جي عوام جي احساسي محرومي ختم ڪئي. سي پيڪ منصوبي جي شروعات به آصف علي زرداري ڪئي. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ  وارا ميدان ڇڏي فرار ٿي ويا، قومي ايئر لائن جي يورپ ۾ رسائي تي سموري قوم کي واڌايون ڏيان ٿو، صدر آصف علي زرداريءَ پارليامينٽ کي مضبوط ڪيو. تحريڪ انصاف لاشن جي سياست ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ جيڪا دعويٰ ڪئي ان جا ثبوت پيش نه ڪري سگھي آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.