ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي دفاعي نمائش آئيڊياز ۾ ملڪ جي پهرين مڪمل اليڪٽرڪ ڪار متعارف ڪرائي وئي، ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ عالمي دفاعي نمائش آئيڊياز 2024 سجائي وئي، جتي پرڏيهين سان گڏوگڏ ملڪي فوجي سازوسامان جي ساراهه ڪئي وئي. هِن سال دفاعي نمائش ۾ ملڪ جي پهرين مڪمل اليڪٽرڪ ڪار متعارف ڪرائي وئي. ماهرن جو چوڻ آهي ته 40 هارس پاور جي هيءَ ڪار 660 سي سي جي پيٽرول انجڻ جي برابر آهي. ماهرن موجب اليڪٽرڪ گاڏين جي لاءِ اهم شيءِ ليٿيم بيٽري هوندي آهي ۽ پاڪستان ۾ ليٿيم جا وسيع ذخيرا موجود آهن، ملڪ ۾ ليٿيم بيٽري جي تياريءَ سان اليڪٽرڪ گاڏين جي قيمت ۾ تمام گھڻي گھٽائي اچي ويندي.