تازہ ترین

عمران خان جي آزاديءَ تائين اسلام آباد ۾ رهنداسين: علي امين گنڊاپور

پشاور (ويب ڊيسڪ) ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو چوڻ آهي ته باني پي ٽي آءِ عمران خان جو حڪم مليو آهي ان تي هر صورت ۾ عمل ڪندس. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو ته حڪومت سان ڳالهين جي شروعات باني پي ٽي آءِ جي آزاديءَ کان پوءِ ٿيندي. علي امين جو چوڻ هو ته باني پي ٽي آءِ جو حڪم مليو آهي ان تي هر صورت ۾ عمل ڪندس، منهنجو اختيار باني پي ٽي آءِ وٽ آهي جيڪو هُو چوندو مان اهو ئي ڪندس، مان ۽ پي ٽي آءِ جا ڪارڪن هر صورت ۾ ڊي چوڪ تي پهچندا. سندس چوڻ هو ته باني پي ٽي آءِ ٻين قيدين جي آزادي ۽ مطالبن جي منظوريءَ تائين اسلام آباد ۾ رهنداسين، گذريل احتجاج ۾ به رستا بند ٿيڻ باوجود اسلام آباد پهتا هئاسين، وفاق ۽ پنجاب حڪومت وائڙائپ ۾ موٽر وي ۽ روڊ رستا بند ڪيا آهن. علي امين گنڊاپور چيو ته اسان جو احتجاج پرامن آهي حڪومت ملڪ کي بلاڪ ڪري عوام کي تڪليف پهچائي رهي آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.