تازہ ترین

بالي ووڊ اداڪارا نيلم پاران گووندا سان لاڳاپن جي ترديد

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ 80ع جي ڏهاڪي جي مشهور اداڪارا نيلم ڪوٺاريءَ گووندا سان پنهنجي لاڳاپن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. گووندا ۽ نيلم جي جوڙي  1980ع کان 1990ع جي وچ تائين بالي ووڊ جي مشهور جوڙيءَ طور سڃاتي ويندي آهي، هن جوريءَ بالي ووڊ کي ڪيتريون ئي ڪامياب فلمون ڏنيون. ماضيءَ ۾ هڪ انٽرويوءَ دوران گووندا پرڻيل هجڻ باوجود به ڪنهن حد تائين نيلم طرف مائل ٿيڻ جو اقرار ڪري چڪو آهي. ان انٽرويوءَ ۾ گووندا اعتراف ڪيو هو ته هو نيلم جي تعريف ڪرڻ سواءِ نٿو رهي سگھي ۽ سندس خواهش آهي ته سندس گھر واري سنيتا پاڻ کي بدلائي نيلم جيان بڻجي وڃي. هاڻ تازو ئي ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي نيلم ڪوٺاريءَ گووندا سان ڪنهن به لاڳاپي ۾ رهڻ جي ترديد ڪئي. نيلم جو چوڻ هو ته هي سڀ وڏي راند جو حصو آهي پر اهڙين اڳڪٿين جي وضاحت ڪرڻ وارو ڪير به ڪونهي، اداڪارا وڌيڪ چيو ته  جيڪو ڪجھه به محسوس ڪيو اهو ڇاپي ڇڏيو، جي توهان 3 کان وڌيڪ فلمون گڏ ڪيون ته ان مان اهو ٿو ظاهر ٿئي ته توهان جا پاڻ ۾لاڳاپا آهن؟

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.