تازہ ترین

ڪرم ضلعي ۾ ڇڪتاڻ، وڌيڪ 18 ڄڻا مارجي ويا، صوبائي حڪومت جي هيلي ڪاپٽر تي فائرنگ

ڪرم (ويب ڊيسڪ) ضلعي ڪرم ۾ مسافر گاڏين تي اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ سبب 43 ڄڻن جي مارجي وڃڻ کان پوءِ ضلعي ڪرم ۾ فسادن ۽ ڏڦيڙن ۾ تيزي اچي وئي آهي، فائرنگ جي تازن واقعن ۾ وڌيڪ 18 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته 30 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. ڊان نيوز موجب پوليس ٻڌايو ته ضلعي ڪرم جي تعلقي لوئر ڪرم جي علائقي عليزئي ۽ بگن جي قبيلن جي وچ ۾ ڇتي فائرنگ جو سلسلو جاري آهي، ان کان سواءِ بالش خيل، خار ڪلي، ڪنج عليزئي، مقبل قبيلن جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي رهي آهي. پوليس ذريعن موجب ڌرين جي وچ ۾ ويڙهه جو سلسلو خميس تي مسافر گاڏين تي فائرنگ کان پوءِ شروع ٿيو آهي ۽ هاڻي ڌريون هڪ ٻئي تي ڳرن ۽ آٽوميٽڪ هٿيارن سان فائرنگ ڪري رهيون آهن. پوليس موجب تازي جھيڙاند ۾ هن وقت تائين 18 ڄڻا مارجي ويا آهن ۽ 30 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، ڌرين ۾ ويڙهه دوران گھرن ۽ دڪانن کي به نقصان پهتو آهي. هوڏانهن پارا چنار ۾ خيبرپختون خواه حڪومت جي هيلي ڪاپٽر تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي. ذريعن موجب هيلي ڪاپٽر ۾ صوبائي قانون وارو وزير آفتاب عالم ايڊووڪيٽ جي سربراهيءَ ۾ وفد موجود هو ۽ وفد ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي هدايتن تي روانون ٿيو هو. وفد ڪرم ۾ امن امان جو جائزو وٺڻ ۽ امن جرڳي کي ٻيهر فعال ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري اسلم چوڌري، ڪمشنر ڪوهاٽ ڊويزن، ڊي آءِ جي ڪوهاٽ ۽ ٻيا هيليڪاپٽر ۾ شريڪ هئا. صوبائي حڪومتي هيلي ڪاپٽر فائرنگ باوجود محفوظ رهيو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.