تازہ ترین

January 22, 2025

Year : 2025

هڪ سئو نوي ملين پائونڊ ڪرپشن جا ثبوت آهن: عطا تارڙ

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته 190ملين پائونڊ ڪرپشن جا ثبوت آهن، حڪومتي پئسي جو غلط استعمال ڪيو ويو، ٽرسٽ ٺاهيو ويو، منڊريون ورتيون ويون، ڪرپشن جو ان کان وڌيڪ مثال ناهي، بند لفافو ڪابينا ۾ آندو ويو ۽ وزيراعظم کان منظوري ورتي وئي، دنيا جي وڏن […]

ميان صاحب ويجھو گهرو اڻبڻت تان مڙس زال کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

ميان صاحب(ويب ڊيسڪ) ميان صاحب ويجھو گهرو اڻبڻت تان مڙس زال کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، شاهه جليل واري علائقي ۾ جوابدار فائرنگ ڪري پنھنجي گھر واري خانزادي کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار ضمير معرفاڻي موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، مقتول عورت جو لاش اسپتال منتقل.

حڪومت پاران پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 24 جنوري تي گهرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) حڪومت پاران پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 24 جنوري تي گهرائڻ جو فيصلو، وزيراعظم شهباز شريف گڏيل اجلاس گهرائڻ جي صلاح صدر آصف علي زرداري کي اماڻي ڇڏي، ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون ٻنهي ايوانن مان منظور نه ٿيڻ سبب گڏيل اجلاس مان منظور ڪرايا ويندا، حڪومت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ […]

جي ايڇ ڪيو حملو ڪيس جي ٻڌڻي اڄ اڍيالا جيل ۾ ٿيندي

راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) 9 مئي جي ايڇ ڪيو حملو ڪيس جي ٻڌڻي اڄ اڍيالا جيل ۾ ٿيندي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو جج امجد علي شاهه ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو، ڪيس ۾ مجموعي طور تي استغاثه جي پنج شاهدن جا بيان رڪارڊ ٿي چڪا، پراسيڪيوٽر وڌيڪ شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرائيندو.

اختيارن جو ناجائز استعمال، ڪي ايم سي جي اڳوڻي ڊي جي ۽ ميونسپل ڪمشنر جا گرفتاري وارنٽ جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ جي ڪيس ۾ ڪي ايم سي جي اڳوڻي ڊي جي ۽ ميونسپل ڪمشنر جا گرفتاري وارنٽ جاري، اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن جي عدالت جوابدارن اظهر حسين شاهه ۽ شجاعت حسين جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، عدالت جو جوابدارن کي 24 جنوري تي […]

اسرائيل جو والاريل اولهندي ڪناري ۾ فوجي آپريشن، 9 فلسطيني شهيد

غزا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) غزا ۾ حملا رڪجندي ئي اسرائيل جو والاريل اولهندي ڪناري ۾ فوجي آپريشن، جنين شهر ۾ فائرنگ سبب 9 فلسطيني شهيد، 40 زخمي، اسرائيلي آبادڪارن جا اولهندي ڪناري ۾ فلسطينين جي ملڪيتن تي حملا، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته هو جنين کي عسڪريت پسندن جو نئون ٺڪاڻو بڻجڻ نه […]

اسرائيلي فوجي سربراهه پاران حماس جا حملا روڪڻ ۾ ناڪامي تي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان

تل ابيب (انٽرنيشنل ڊيسڪ) اسرائيلي فوج جي سربراهه حماس جا حملا روڪڻ ۾ ناڪامي تي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ليفٽيننٽ جنرل هرزي هلوي جو چوڻ آهي ته هو حماس جي 7 آڪٽوبر  2023ع جا حملا روڪڻ ۾ ناڪامي تي 6 مارچ تي عهدو ڇڏي ڏيندو، سندس ڪمانڊ ۾ اسرائيلي ڊفينس فورسز […]

ٽرمپ پاران مصنوعي ذهانت جي انفراسٽرڪچر ۾ 500 ارب ڊالرز سيڙپڪاري جو اعلان

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ٽرمپ پاران مصنوعي ذهانت جي انفراسٽرڪچر ۾ 500 ارب ڊالرز سيڙپڪاري جو اعلان، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جون واشنگٽن ۾ صحافين سان ڳالهيون، چيائين آمريڪا ۾ ٽيڪ ڪمپنين جي سيڙپڪاري سان هڪ لک نيون نوڪريون پيدا ٿينديون، آمريڪا چين سميت ڪيترن ئي ملڪن سان مقابلي کي منهن ڏئي رهيو آهي، اي آءِ […]

مختلف حادثن ۾ عورت سميت 2 ڄڻا فوت، 10 ڄڻا زخمي

ڪوٽڙي (ويب ڊيسڪ) ڪوٽڙيءَ ڀرسان ايم نائن موٽر وي تي حادثي جي نيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جڏهن ته 10 مسافر زخمي ٿي پيا، پشاور کان ڪراچي ويندڙ ڪوچ ٽرالر سان ٽڪراجي وئي، حادثي ۾ ڪوچ ڊرائيور فوت ٿي ويو، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 10مسافر زخمي ٿي پيا، حادثي بعد فوتي جو لاش […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.