اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) حڪومت پاران پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 24 جنوري تي گهرائڻ جو فيصلو، وزيراعظم شهباز شريف گڏيل اجلاس گهرائڻ جي صلاح صدر آصف علي زرداري کي اماڻي ڇڏي، ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون ٻنهي ايوانن مان منظور نه ٿيڻ سبب گڏيل اجلاس مان منظور ڪرايا ويندا، حڪومت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن کي اسلام آباد ۾ موجود رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.