اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته 190ملين پائونڊ ڪرپشن جا ثبوت آهن، حڪومتي پئسي جو غلط استعمال ڪيو ويو، ٽرسٽ ٺاهيو ويو، منڊريون ورتيون ويون، ڪرپشن جو ان کان وڌيڪ مثال ناهي، بند لفافو ڪابينا ۾ آندو ويو ۽ وزيراعظم کان منظوري ورتي وئي، دنيا جي وڏن اخبارن هيڊ لائين هنئي ته 190ملين پائونڊ وڏو ڪرپشن ڪيس آهي.