اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ بينچز جي اختيارن جو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ڪرڻ خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ عدالتي مددگار مقرر ڪرڻ تي اعتراض واري ڇڏيو، عدالت خواجا حارث ۽ احسن ڀون کي به عدالتي مددگار مقرر ڪري ڇڏيو، جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏنا ته ڪيس ريگولر بينچ ٻڌي رهيو هو، ڇا ڪميٽي ان کي شفٽ ڪري سگهي ٿي، اوهان ڪاز لسٽ مان ڪيس ڇو هٽايو، هيل تائين ائين ٿيو آهي ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي ئي ريگولر بينچ جوڙيندي، جيڪڏهن ڪيس ڪنهن ڪورٽ ۾ نه هجي ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي بينچ تبديل ڪري سگهي ٿي.