تازہ ترین

ڪينسر جي بيماريءَ ڪم ۽ ڪيريئر تي گھرو اثر وڌو: حنا خان

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا ۽ ڳائڻي حنا خان جيڪا اڄ ڪلهه اسٽج ٿري جي بريسٽ ڪيسنر سان جھيڙي رهي آهي، هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو ته بريسٽ ڪينسر جي سڃاڻپ ان جي ڪم ۽ ڪيريئر تي تمام گھرو اثر وڌو آهي ۽ خراب صحت جي ڪري کيس ٻن پراجيڪٽن تان هٿ ڌوئڻا پيا. ڪجھه پراجيڪٽس هئا جن تي مان ڪم شروع ڪرڻ واري هئس پر گڏيل صلاح کان پوءِ فيصلو ٿيو ته هيءَ اهڙي شيءَ ناهي جيڪا ٽن چئن مهينن ۾ ٺيڪ ٿي وئي ان ۾ هڪ يا ڏيڍ سال لڳي سگھي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ماڻهن وٽ ڊيڊ لائينز هونديون آهن،، ان جي لاءِ مون کي انهن پراجيڪٽس رد ڪرڻو پيو جيتوڻيڪ هي منهنجي لاءِ هڪ ڏکيو فيصلو هو. اداڪارا ۽ ڳائڻي حنا خان وڌيڪ چيو ته پر ان وقت منهنجي لاءِ پنهنجي صحت کي اوليت ڏيڻ ضروري هو، ٺيڪ ٿيڻ اهم هئو، شروع شروع ۾ اهي شيون مون کي تمام گھڻو متاثر ڪنديون هيون.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.