لنڊن (اسپورٽس ڊيسڪ) انڊر 19 ويمنز ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ اڄ پاڪستان جي عورتن جي ٽيم آخري ميچ آئيرلينڊ جي خلاف کيڏندي، ملائيشيا آءِ سي سي انڊر 19 ويمنز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ گروپ بي جو ٽيون ۽ آخري ميچ اڄ آئرلينڊ جي خلاف کيڏندي. پاڪستان وينز انڊر 19 ٽيم گذريل ڏينهن مالبورو ڪالج گرائونڊ ۾ پريڪٽس ڪئي، رانديگرياڻين رننگ، فيلڊنگ، بالنگ ۽ بيٽنگ جون عملي مشقون ڪيون. هيڊ ڪوچ محسن ڪمال جي نگرانيءَ ۾ رانديگرياڻين ٽريننگ ڪئي، اسسٽنٽ ڪوچ محمد حنيف ملڪ، فيلڊنگ ڪوچ ناهيده خان ۽ اسٽرنٿنگ و ڪنڊيشنگ ڪوچ اسفنديار رانديگرياڻين کي عملي مشقون ڪرايون.