تازہ ترین

January 9, 2025

Year : 2025

شرجيل انعام مميڻ پاران تحريڪ انصاف کان 9 مئي تي معافي ٺڻ جو مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران تحريڪ انصاف کان 9 مئي تي معافي وٺڻ جو مطالبو، سندس چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف پاران لکت ۾ مطالبا ڏيڻ سٺو سنئوڻ هوندو، تحريڪ انصاف فوري طور پاڪستان خلاف سازشون بند ڪري، هڪ طرف ڳالهيون ٻئي طرف وري سازشون درست ڳالهه نه […]

اڳڙا ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيءُ قتل، پٽ زخمي

اڳڙا (ويب ڊيسڪ) اڳڙا ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيءُ قتل، پٽ زخمي، مهرو واهڻ ۾ هٿياربندن گوليون هڻي شفيع محمد کهڙو کي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ مقتول جو پٽ عابد کهڙو زخمي ٿي پيو، واقعي بعد مقتول جو لاش ۽ زخمي اسپتال منتقل.

پاڪستان پاران اتحاد ۽ علائقائي سالميت لاءِ شام ۾ نمائندگي واري حڪومت جو مطالبو

نيويارڪ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) پاڪستان پاران اتحاد ۽ علائقائي سالميت کي يقيني بڻائڻ لاءِ شام ۾ نمائندگي واري حڪومت جو مطالبو، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم جو چوڻ آهي ته شام ۾ نئين حڪومت کي گڏيل قومن جي حمايت حاصل هجڻ گهرجي، اڄ شام پنهنجي تاريخ جي هڪ نازڪ موڙ تي آهي، […]

غزا ۾ اسرائيل جي دهشتگردي بند نه ٿي، تازي بمباري ۾ وڌيڪ 46 فلسطيني شهيد

غزا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) غزا ۾ اسرائيل جي دهشتگردي بند نه ٿي، تازي بمباري ۾ وڌيڪ 46 فلسطيني شهيد ٿي ويا، اسرائيلي فورسز هوائي حملن ۾ بي گهر فلسطينين جي ڪئمپن کي نشانو بڻايو، غزا سٽي پارڪ، جباليه ۽ البريج ڪئمپ تي بمباري ۾ 20 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا، اولهندي ڪناري ۾ بمباري سبب 3 فلسطيني […]

اتر آفريڪا جي ملڪ چاڊ جي صدارتي محل تي هٿياربندن جو حملو، 19 ڄڻا مارجي ويا

چاڊ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) اتر آفريڪا جي ملڪ چاڊ جي صدارتي محل تي هٿياربندن جو حملو، 19 ڄڻا مارجي ويا، پرڏيهي ميڊيا موجب گادي واري شهر انجامينا ۾ صدارتي محل تي هٿياربندن حملو ڪيو، چاڊ حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي اهلڪارن جي جوابي فائرنگ ۾ 18 حملو ڪندڙ مارجي ويا، 6 زخمي ٿي […]

آمريڪي شهر لاس اينجلس ويجهو ٻيلن ۾ لڳل باهه بي قابو، 5 ڄڻا فوت

لاس اينجلس (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي شهر لاس اينجلس ويجهو ٻيلن ۾ لڳل باهه بي قابو، چئن هنڌن تي لڳل باهه سبب 5 ڄڻا فوت، هڪ هزار کان وڌيڪ گهر ۽ ڪاروباري مرڪز سڙي خاڪ ٿي ويا، هالي ووڊ جي مشهور شخصيتن جي اربين رپين جي ماليت جا گهر به تباهه، باهه سبب 50 ارب ڊالرز […]

ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان: موسميات کاتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي پاران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، جابلو علائقن ۾ ٿڌ جي شدت برقرار آهي، موسميات کاتي موجب ڏکڻ پنجاب ۽ سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ ڪوهيڙو ڇانيل رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ انٽرا ڪورٽ اپيلن جي ٻڌڻي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ انٽرا ڪورٽ اپيلن جي ٻڌڻي ٿي، ان موقعي تي جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏيندي چيو ته بنيادي حق معطل ٿيڻ لاءِ ايمرجنسي لاڳو هجڻ ضروري آهي، هن ڪيس ۾ به بنيادي حق معطل ٿيڻ جو ڪو به تعلق ناهي، مشرف جي دور ۾ به […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.