تازہ ترین

Dharti TV News

پنجاب ۾ لکين خاندانن کي نگهبان رمضان پيڪيج ڏيڻ جو فيصلو

لاهور (نيشل ڊيسڪ) پنجاب ۾ لکين خاندانن کي نگهبان رمضان پيڪيج ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز  جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، رمضان پيڪيج لاءِ 15فيبروري تائين رجسٽريشن مڪمل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي، مريم نواز پاران رمضان پيڪيج ۾ شفافيت لاءِ ضروري قدم کڻڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو، سندس چوڻ […]

آمريڪي ڪانگريس ميمبرن پاران وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي مان ۾ آجياڻو

اسلام آباد (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي ڪانگريس ميمبر هنري ڪيولر ۽ ميڪسائن واٽرز پاران وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي مان ۾ آجياڻو، محسن نقوي ۽ ڪانگريس ميمبرن ۾ پاڪ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون، پاڪستان جي معيشت ۽ آءِ ايم ايف پروگرام بابت خيالن جي ڏي وٺ، اڳواڻن پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ […]

سال 2022 کان 2024 تائين ميڊيا تي پابندين جو گهيرو تنگ ڪيو ويو: رپورٽ

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سال 2022 کان 2024 تائين ميڊيا تي پابندين جو گهيرو تنگ ڪيو ويو، هڪ صحافي کي قتل ۽ ڪيترن ئي گم ڪيو ويو، صحافين کي مجبور ڪري ڊجيٽل آزادي کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پاڪستان ۾ انساني حقن واري ڪميشن راءِ جي اظهار جي آزادي تي تحقيقاتي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، […]

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ 4 بل منظور، پي ٽي آءِ ميمبرن جو احتجاج، گوڙ

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ 4 بل منظور ڪيا ويا، پي ٽي آءِ جو احتجاج، ميمبرن ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، اپوزيشن ميمبر پلي ڪارڊن سان گڏ ايوان ۾ داخل  ٿيا، پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي پي ٽي آءِ ميمبرن احتجاج ڪندي پيڪا ايڪٽ نامنظور جا […]

پيپلزپارٽي مزدورن جي لاءِ ٽن نسلن کان جدوجهد ڪري رهي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي پيپلزپارٽي مزدورن جي لاءِ ٽن نسلن کان جدوجهد ڪري رهي آهي، پيپلز پارٽيءَ ملڪ کي گڏيل آئين ڏنو، پيپلز پارتي ٽن نسلن کان مزدورن جي خدمت ڪري رهي آهي. پيپلز پارٽيءَ مزدورن سان گڏجي ملڪ کي آئين ڏنو، مزدور هر دور ۾ جمهوريت […]

عالمي بئنڪ هر شعبي ۾ پاڪستان سان سهڪار ڪيو آهي: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف عالمي بئنڪ جي ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تقريب کي خطاب ڪيو، ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته عالمي بئنڪ هر شعبي ۾ پاڪستان سان سهڪار ڪيو آهي، اڄ تاريخي ۽ خوشي جو ڏينهن آهي. ورلڊ بئنڪ هائيڊل توانائي، ادارن ۾ اصلاحن سميت ڪيترن ئي […]

وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ايڪسپو سينٽر ڪراچي پهتو، اسٽال جو دورو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سنڌ جو  وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ايڪسپو سينٽر ڪراچي پهتي ويو، وڏي وزير ايڪسپو سينٽر ۾ لڳايل اسٽالن جو جائزو ورتو، ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته  نوجوانن جي محنت سان ايڪسپورٽ انڊسٽري ترقي ڪري رهي آهي، ايڪسپورٽ سان ئي ناڻي جا […]

عمران خان جو حڪومت سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان حڪومت سان هلندڙ ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين بئريستر گوهر ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ بانيءَ اڄ جيل ۾ حڪومت سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. بئريسٽر گوهر جو چوڻ هو ته […]

سمورن مسئلن جو حل رڳو ڳالهين ۾ ئي آهي: سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سمورن مسئلن جو حل رڳو ڳالهين ۾ ئي آهي، پيپلزپارٽي سياسي ڳالهين جي حمايت ڪري ٿي. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته فلسطين ۽ اسرائيل مسئلي جو حل به ڳالهين ذريعي نڪتو، […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.