اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي پيپلزپارٽي مزدورن جي لاءِ ٽن نسلن کان جدوجهد ڪري رهي آهي، پيپلز پارٽيءَ ملڪ کي گڏيل آئين ڏنو، پيپلز پارتي ٽن نسلن کان مزدورن جي خدمت ڪري رهي آهي. پيپلز پارٽيءَ مزدورن سان گڏجي ملڪ کي آئين ڏنو، مزدور هر دور ۾ جمهوريت خلاف سازشن کي ناڪام بڻايو آهي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جو چوڻ هو ته مزدورن پيپلز پارٽيءَ سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي پنهنجا حق کسي وتا. پيپلز پارٽي مزدورن ۽ محنت ڪشن کي پنهنجا حق وٺي ڏنا، مزدورن قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏجي جدوجهد ڪئي. هن چيو ته جيترو اضافو مهانگائيءَ ۾ ٿيندو آهي پگھارن ۾ به ايترو ئي اضافو ڪيو وڃي. آمر ضياءَ ۽ پرويز مشرف جي ڪيل سازشن خلاف مزدورن سان گڏجي جدوجهد ڪئي. مزدورن کي پنهنجو حق ملندو ته جمهوريت به هلي سگھندي.