اسلام آباد (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي ڪانگريس ميمبر هنري ڪيولر ۽ ميڪسائن واٽرز پاران وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي مان ۾ آجياڻو، محسن نقوي ۽ ڪانگريس ميمبرن ۾ پاڪ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون، پاڪستان جي معيشت ۽ آءِ ايم ايف پروگرام بابت خيالن جي ڏي وٺ، اڳواڻن پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، محسن نقوي جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ڪميونٽي جو آمريڪا ۾ مختلف شعبن ۾ اهم ڪردار آهي.