اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سال 2022 کان 2024 تائين ميڊيا تي پابندين جو گهيرو تنگ ڪيو ويو، هڪ صحافي کي قتل ۽ ڪيترن ئي گم ڪيو ويو، صحافين کي مجبور ڪري ڊجيٽل آزادي کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پاڪستان ۾ انساني حقن واري ڪميشن راءِ جي اظهار جي آزادي تي تحقيقاتي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، رپورٽ موجب مين اسٽريم ميڊيا تي پابنديون هڻي ڊجيٽل فورمز ڏانهن وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو.