تازہ ترین

Dharti TV News

بشريٰ بي بي جون 3 ضمانت واريون درخواستون رد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بشريٰ بي بي جون 3 ضمانت واريون درخواستون رد، اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن ڪورٽ عبوري ضمانت جون درخواستون رد ڪيون، ان موقعي تي ايڊيشنل سيشنن جج رمارڪس ڏنا ته ضمانت لاءِ مچلڪا جمع ناهن ڪرايا ويا، ضمانت جي درخواست منظور نٿي ڪري سگهجي.  پراسيڪيوٽر جنرل، توهان مچلڪا جمع ناھن ڪرايا […]

تربت ۾ روڊ ڀرسان ڌماڪي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جاچ شروع

ڪيچ ضلعو (نيشنل ڊيسڪ) تربت ويجهو روڊ ڀرسان ڌماڪو جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوسڪ واري علائقي ۾ روڊ ڀرسان ڌماڪو ٿيو، واقعي جي جاچ جاري آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي بم ڌماڪي جي مذمت، ذميوارن جو ترت نشاندهي ڪري سزا ڏيارڻ جي هدايت، شهباز شريف جو چوڻ […]

آمريڪا ۽ گڏيل عرب امارتن سميت 7 ملڪن مان وڌيڪ 52 پاڪستاني مختلف الزامن هيٺ بيدخل

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) آمريڪا، سوئيڊن، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات سميت ستن ملڪن مان وڌيڪ 52 پاڪستاني مختلف الزامن هيٺ بيدخل، ڪراچي هوائي اڏي تان 3 ڄڻا گرفتار، بيدخل ٿيل شهرين تي غير قانوني داخل ٿيڻ، پاسپورٽ ٿيڻ، منشيات اسمگلنگ، بليڪ لسٽ، پنڻ سميت مختلف الزام، ڪراچي ايئرپورٽ تان ٻاهرين ملڪن ڏانهن ويندي […]

غزا تي اسرائيلي ظلم جاري، 5 ڏينهن ۾ 70 فلسطيني ٻار شهيد

غزا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) غزا تي اسرائيلي ظلم جاري، 5 ڏينهن ۾ 70 فلسطيني ٻار شهيد ٿي ويا، نصيرات ڪئمپ ۾ اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شهيد ٿي ويو، اتر غزا ۾ ٽن مهينن کان غذا، پاڻي ۽ دوائن جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، شهيدن جو مجموعي انگ 46 هزار 565 ٿي ويو، […]

ٽنڊوالھيار: منصور ڪالوني ۾ فائرنگ، نواجوان قتل، هڪ زخمي

ٽنڊوالھيار (ويب ڊيسڪ) ٽنڊوالھيار جي منصور ڪالوني ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ نواجوان قتل ٿي ويو جڏهن ته ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. گوليون لڳڻ سبب عدنان شاهه قتل ۽ راجا زخمي ٿي پيو، پوليس جو چوڻ آھي ته فائرنگ ڪندڙ جوابدار ٻنھي ڄڻن جو دوست ھو، جنھن شراب جي نشي ۾ نوجوانن مٿان فائرنگ […]

ڪمال ديري ٿاڻي مان فرار ٿيل جوابدار 24 ڪلاڪن بعد ٻيهر گرفتار

ڪمال ديرو (ويب ڊيس) ڪمال ديرو ٿاڻي مان فرار ٿيل جوابدار گرفتار وارو معاملو، پوليس ڪارروائي ڪندي 24 ڪلاڪن بعد جوابدار مجن ملاح کي گرفتار ڪري ورتو، گذريل ڏينهن اغوا ۽ چوري جي ڪيسن ۾ گهربل جوابدار هٿڪڙين سميت فرار  ٿي ويو هو.

ملين پائونڊ فيصلو وري ملتوي، جوابدار ۽ انهن جا وڪيل پيش نه ٿيا: عدالت

راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) 190ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪيو ويو، احتساب عدالت فيصلو جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو، احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا چيو ته پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي عدالت ۾ پيش نه ٿيا، هو ساڍي 8 وڳي عدالت ۾ آيو، پي ٽي آءِ باني […]

منهنجي خاندان ڪراچي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ شهيد ڀٽو ايڪسپريس وي فيز ون جو افتتاح ڪري ڇڏيو، افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پاڪستان جي ترقي لاءِ ڪراچي شهر جي ترقي ضروري آهي، سنڌ حڪومت اڄ شاهراهه ڀٽو جو افتتاح ڪيو آهي، منهنجي خاندان […]

سنڌ حڪومت جو عزم عوام جي خدمت آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد ڀٽو ايڪسپريس وي جي فيز ون جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي ڪوٺال تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت جو عزم عوام جي خدمت آهي، شهيد ڀٽو ايڪسپريس وي فيز ون جو افتتاح واري […]

تڪراري ڪئنال: پ پ پاران هڪ ڀيرو ٻيهر گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ جو مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي پاران نون ڪئنالن جي معاملي تي هڪ ڀيرو ٻيهر گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، نثار کهڙي جو چوڻ آهي ته وفاق 1991ع جي پاڻي جي ورڇ واري معاهدي تي مڪمل عمل ڇو نٿو ڪري؟ نون ڪئنال واري منصوبي سان سنڌ کي بنجر بڻائڻ […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.