تازہ ترین

بشريٰ بي بي جون 3 ضمانت واريون درخواستون رد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بشريٰ بي بي جون 3 ضمانت واريون درخواستون رد، اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن ڪورٽ عبوري ضمانت جون درخواستون رد ڪيون، ان موقعي تي ايڊيشنل سيشنن جج رمارڪس ڏنا ته ضمانت لاءِ مچلڪا جمع ناهن ڪرايا ويا، ضمانت جي درخواست منظور نٿي ڪري سگهجي.  پراسيڪيوٽر جنرل، توهان مچلڪا جمع ناھن ڪرايا ۽ نه ئي عدالت جي حڪم تي عمل ڪيو وڃي ٿو. ان تي بشريٰ بي بي جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته بشريٰ بي بي جو 190ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو اچڻو هو جنهن ڪري عدالت ۾ مچلڪا جمع ناهيون ڪري سگهيا. رمنا ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪئي وئي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.