ڪيچ ضلعو (نيشنل ڊيسڪ) تربت ويجهو روڊ ڀرسان ڌماڪو جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوسڪ واري علائقي ۾ روڊ ڀرسان ڌماڪو ٿيو، واقعي جي جاچ جاري آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي بم ڌماڪي جي مذمت، ذميوارن جو ترت نشاندهي ڪري سزا ڏيارڻ جي هدايت، شهباز شريف جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ بدامني پکيڙڻ وارن منصوبن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو.