ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد ڀٽو ايڪسپريس وي جي فيز ون جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي ڪوٺال تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت جو عزم عوام جي خدمت آهي، شهيد ڀٽو ايڪسپريس وي فيز ون جو افتتاح واري تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ملير ايڪسپريس وي سڀ کان وڏو پبلڪ پرائيوٽ منصوبو آهي، ان منصوبي جي 9.1 ڪلو ميٽر روڊ جو جزوي افتتاح ڪيو، اڄ قيوم آباد کان شاهه فيصل تائين پ پ چيئرمين 9 ڪلو ميٽر حصي جو افتتاح ڪيو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو 30 سال اڳ ڪراچي لاءِ پيڪيج ڏنو هو، هن پيڪيج ۾ لياري ايڪسپريس وي سميت ٻيا منصوبا به شامل هئا، شاهراهه ڀٽو ٺاهڻ ۾ اسان کي تمام گهڻي دير ٿي وئي، بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ هن منصوبي کي شروع ڪيو ويو. وڏي وزير چيو ته اسان گهڻو ڪجهه چاهيون ٿا پر اسان وٽ وسيلا نه آهن، ڪراچي ۾ ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽائڻ بينظير جو ويزن هو، پاڻي جي کوٽ ڪراچي جو وڏو مسئلو آهي، ڪي فور تي ڪم هلي پيو، خبر ٺاهڻ لاءِ ڪنهن جي به برائي نه ڪرڻ گهرجي. ان کان تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن سمورن جو ٿورائتو آهيان، بلاول ڀٽو زرداري وزيرن کي گهرائي ڪارڪردگي بابت پڇاڪندو آهي، پيپلزپارٽي چيئرمين شهر جا مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪندو آهي، چيو ويندو آهي ته پيپلزپارٽي ڪراچي تي ڌيان نٿي ڏي، بلاول ڀٽو زرداري جو ڪراچي شهر تي خاص ڌيان آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ رڳو پيپلزپارٽي جو ڪم نظر ايندو آهي، پيپلزپارٽي تي بنا جواز تنقيد ڪئي ويندي، ٻين جي ڀيٽ ۾ پيپلزپارٽي جي دور تمام گهڻا ترقياتي ڪم ٿيا آهن. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شاهراهه ڀٽو تي گاڏي پاڻ هلائي، بلاول ڀٽو زرداري ٽول پلازا تائين گاڏي هلائي روڊ جو معائنو ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري شاهراهه ڀٽو تي گاڏي هلائي پهريون ٽول ٽيڪس به ادا ڪيو. سنڌ جو وزير سيد مراد علي شاهه به بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ هو.