تازہ ترین

منهنجي خاندان ڪراچي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ شهيد ڀٽو ايڪسپريس وي فيز ون جو افتتاح ڪري ڇڏيو، افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پاڪستان جي ترقي لاءِ ڪراچي شهر جي ترقي ضروري آهي، سنڌ حڪومت اڄ شاهراهه ڀٽو جو افتتاح ڪيو آهي، منهنجي خاندان ڪراچي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، پيپلزپارٽي هميشه عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، جڏهن به شهيد ڀٽو کي حڪومت ملي، ڪراچي تي ڌيان ڏنو ويو. پاڪستان جي ترقيءَ جي لاءِ ڪراچي شهر جي ترقي انتهائي ضروري آهي. اسان ڪراچيءَ جي پاڻيءَ سميت ٻيون سموريون بنيادي ضرورتن جو خيال رکنداسين. پ پ چيئرمين چيو ته ڪراچيءَ ۾ جيڪڏهن ڪو به مسئلو ٿئي ٿو، جنهن ۾ پاڻيءَ جو مسئلو آهي، بجليءَ جو مسئلو هجي اهي حل ڪرڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت جا وزير ۽ منسٽرز موجود آهن. اسان هن شهر جي ترقيءَ لاءِ سڀني کي گڏجي وٺي هلڻ چاهيون ٿا.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.