ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي پاران نون ڪئنالن جي معاملي تي هڪ ڀيرو ٻيهر گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، نثار کهڙي جو چوڻ آهي ته وفاق 1991ع جي پاڻي جي ورڇ واري معاهدي تي مڪمل عمل ڇو نٿو ڪري؟ نون ڪئنال واري منصوبي سان سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي ڪوشش آهي، چولستان ڪئنال لاءِ پاڻي ڪٿان آندو ويندو؟ وفاق پاڻي جي شفاف ورڇ لاءِ ٽيلي ميٽري سسٽم ڇو نٿو لڳائي؟ وفاقي سرڪار سي سي آءِ جو اجلاس طلب ڇو نٿي ڪري؟ تونسا کان گڊو بئراج تائين پاڻي جي چوري ڇو روڪي نٿي وڃي؟ سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي مڪمل طور تي نه ملي رهيو آهي، سنڌ اسيمبلي جي ٺهراءَ کي اهميت ڏني وڃي.