ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ ڪئنالن وارو معاملو دوستاڻو هجڻ گهرجي، ڪنهن کي حساس معاملي تي ناراض نه ڪرڻ گهُرجي، ملڪي نظام جي بهتري لاءِ سمورن سياستدانن کي گڏ ويهڻو پوندو، قومي اتفاق راءِ سان سمورا مسئلا حل ٿيڻ گهرجن: جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي پريس ڪانفرنس، چيائين سياستدان جمهوريت تي سوديبازي ڪري وٺندا آهن، مدرسن جي معاملي تي سياسي مداخلت برداشت نه ڪنداسين، پي ٽي آءِ ڳالهين جي حوالي سان اعتماد ۾ ناهي ورتو، معيشت جي بهتري جا رڳو اشارا ملي رهيا آهن، حقيقت سامهون اچڻ گهرجي.