غزا جي پٽي ۾ اسرائيلي فوج ڪيترن ئي علائقن سميت امدادي ڪئمپ تي به بمباري ڪئي
غزا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) غزا ۾ اسرائيلي فوج جا ظلم جاري، تازي بمباريءَ ۾ وڌيڪ 95 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب غزا جي پٽي ۾ اسرائيلي فوج ڪيترن ئي علائقن تي بمباري ڪئي، شهيدن ۾ امداد حاصل ڪرڻ لاءِ مرڪز ٻاهران بيٺل فلسطيني به شامل.
اسرائيلي فوج هڪ اسپتال کي به نشانو بڻايو، غزا سٽي ۽ اترين علائقن ۾ حملن ۾ 62 فلسطينين شهادت ماڻي.
اسرائيلي نيوي جو غزا سٽي جي ڪناري هڪ ڪيفي تي به حملو، عورتن، ٻارن ۽ صحافيءَ سميت 30 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.