تازہ ترین

ڪراچي:  سرجاني ۾ شادي دوران فائرنگ ۾ زخمي ٿيل وڌيڪ هڪ ٻار دم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي  جي علائقي سرجاڻي ٽائون ۾ شادي جي تقريب دوران فائرنگ ۾ زخمي ٿيل وڌيڪ هڪ ٻار دم  ڏئي ڇڏيو. مارجي ويلن ٻارن  جو انگ 2 ٿي ويو، پوليس 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. سرجاڻي جي علائقي تيسر ٽائون سيڪٽر 35 سي ۾ گذريل ڏينهن شادي جي تقريب دوران فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ٻار ايلن اسپتال ۾ علاج دوران دم ڏنو. مارجي ويل ٻارن جو انگ 2 ٿي ويو، هڪ زخمي 30 ورهين جي روبن جو علاج هلندڙ آهي. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فائرنگ ۾ استعمال ٿيل پسٽل هٿ ڪري 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو هو، پوليس موجب ڄڃ ۾ شامل ماڻهن هوائي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ جاني نقصان ٿيو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.