تازہ ترین

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل

لاهور (نيشنل ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شمس محمود مرزا کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شمس محمود مرزا  کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ اسسٽنٽ اٽارني جنرل شيراز ذڪا پاران سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويو. ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته خانگي ڪمپني پاران پيٽروليم واري وزارت خلاف ڪيس 7 سالن کان جسٽس شمس محمود مرزا  جي عدالت ۾ هلندڙ آهي، ريفرنس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جسٽس شمس محمود مرزا پاران  هر ٻڌڻي تي پيٽروليم واري وزارت خلاف درخواست ڏيندڙ جي ڪمپني کي ڏنل اسٽي آرڊر ۾ واڌ ڪندو آهي، ڄاڻايل ڪيس ڏيڍ سال ۾ 3 ڀيرا ٻڌڻي لاءِ لڳو. ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس شمس محمود مرزا 7 سالن کان درخواست گذار کي نوازي رهيو آهي، سندس اسٽي آرڊر سبب ايف آءِ اي ۾ هلندڙ انڪوائري رڪجي وئي آهي، ريفرنس ۾ وڌيڪ چيو ويو ته جسٽس شمس محمود مرزا  کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ  سندس خلاف آرٽيڪل 209 تحت ڪارروائي ڪئي وڃي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.