غزا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) حماس ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگبندي واري معاهدي تحت اڄ وڌيڪ چئن اسرائيلي فوجي عورتن کي آزاد ڪيو ويندو، بدلي ۾ اسرائيل وڌيڪ 180 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪندو، اسرائيلي فوجي عورتن ۾ ليري الباگ، ڪرينا ايريف، ڊينيليا گلبوا ۽ نما ليوي شامل، عرب ميڊيا موجب معاهدي تحت اسرائيل حماس طرفان چئن عورت قيدين جي آزادي بعد 180 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪندو، جنگبندي باوجود اسرائيلي فوج جو اولهه واري علائقي ۾ هوائي حملي ۾ 2 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جنين ۾ پناهه گيرن جي ڪئمپ ۾ 5 ڏينهن اندر 14 فلسطيني شهيد ٿي چڪا، رفع ۾ ملبي هيٺان وڌيڪ 17 فلسطينين جا لاش ڪڍيا ويا.