راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته 190ملين پائونڊ جي واردات ۽ دهشتگردي ۾ ملوث عنصرن جي به مدد ڪئي وئي، القادر يونيورسٽي نه چارٽرڊ آهي ۽ نه ئي ايڇ اي سي ۾ رجسٽرڊ آهي، رياست کي پائمال ڪندڙ طاقتور ماڻهن کي جواب ڏيڻ ضروري آهي. بچاءَ واري وزير خواجه آصف جي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پيڪا ايڪٽ خلاف احتجاج ڪندڙ پنهنجي ڳچيءَ ۾ جهاتي پائين، ادارن ۾ ٻٽو معيار ڪنهن به صورت ۾ نه هجڻ گهرجي، صحافتي ادارن جي مالڪن کي ٻٽو معيار ختم ڪرڻو پوندو.