ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) ڄامشوري ۾ سنڌ ۽ مھراڻ يونيورسٽين جي شاگردن پاران آن لائن ڪلاسسز جو بائيڪاٽ، شاگردن پاڻي کوٽ سبب آن لائن ڪلاس وٺڻ واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو، سنڌ يونيورسٽي جي مک گيٽ آڏو ڌرڻو، گورنر ڪامران ٽيسوري سنڌ يونيورسٽي ۾ پاڻي جي کوٽ سبب آن لائن ڪلاسز واري فيصلي جو نوٽيس ورتو، يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.