اسلام آباد (نيشل ڊيسڪ) بلاول ڀٽو زرداري وفاقي ڪابينا ۾ شموليت وارين خبرن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو، پ پ چيئرمين چيو آهي ته پيپلزپارٽي ڪابينا جو حصو نه بڻجندي، حڪومت کي ڪو به قدم کڻڻ کان اڳ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ گهرجي، پيڪا ايڪٽ تي ميڊيا، ڊجيٽل ميڊيا جي نمائندن سان مشاورت ٿئي ها ته بهتر هو، انشاءَ الله حڪومت پنج سال پورا ڪندي، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي پنهنجي جاءِ تي قائم آهي، 26هين آئيني ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ جو اختيار رڳو پارليامينٽ وٽ آهي، ڪنهن ٻئي اداري آئين کي رول بيڪ ڪيو ته ان کي نه مڃينداسين، چيف جسٽس جي رستي ۾ ڏکيائيون نه پر آسانيون پيدا ڪرڻ گهرجن.