اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اپوزيشن ميمبرن جو احتجاج، نعريبازي، سوالن جوابن واري وقفي ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي سخت احتجاج ڪيو، اپوزيشن ميمبرن ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيو، حڪومت خلاف اووو اووو جي نعريبازي، اسپيڪر اياز صادق جو چوڻ هو ته جيڪو طئي ٿيو آهي ان تي پي ٽي آءِ ميمبر عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، هو يو ٽرن نه وٺندو جيڪو طئي ٿيو آھي ان تي عمل ڪيو وڃي.