تازہ ترین

حڪومت پاران گم ماڻهن جي ڪميشن جو جسٽس (ر) فقير محمد سربراهه مقرر

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) حڪومت گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جو جسٽس رٽائرڊ فقير محمد کي سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو، سپريم ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل آگاهي ڏني ته حڪومت جسٽس (ر) جاويد اقبال جي جاءِ تي نئون ڪميشن سربراهه مقرر ڪيو آهي، جسٽس محمد علي مظهر سوال ڪيو ته گم ٿيل ماڻهن جي ٽربيونل لاءِ قانون سازي ڪرڻي پوندي، ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب ڏنو ته قانون سازي لاءِ ڪابينا ڪميٽي ڪم ڪري رهي آهي، جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته قانون ته پهريان کان موجود آهي، ڪنهن کي گم ڪرڻ ڏوهه آهي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.