ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ سياحت ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ ”ٿر ڊيزرٽ ٽرين سفاري“ شروع ڪرڻ جو اعلان ، صوبائي وزير ذوالفقار شاهه جو چوڻ آهي ته ٿر ڊيزرٽ ٽرين سفاري فيبروري جي ٻئي هفتي ۾ ڪراچي کان کوکراپار تائين پهچندي، شرڪت ڪندڙ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، ڇاڇرو ۽ کوکرا پار تائين سياحت ۽ ثقافت جا رنگ ڏسندا، ٿر ڊيزرٽ ٽرين سفاري سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سٺو فيصلو ثابت ٿيندي.