عمرڪوٽ (ويب ڊيسڪ) عمرڪوٽ ويجهو نينگر زرعي زمين ۾ غيرقانوني لڳل ٽريڪٽر لفٽ مشين ۾ وچڙي فوت، ڳوٺ الھڏنو مهر کيجراڙي ۾14 ورهين جو غلام حسين درس زميندار عالم مهر جي لفٽ مشين ۾ ڪٽجي فوت ٿي ويو، نينگر جي فوت ٿيڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو، وارثن پاران زميندار خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو.