اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ فوجي عدالتن جي ڪيس جي ٻڌڻي، آرمي ايڪٽ اسپيشل قانون آهي، اسپيشل قانون جي شاهدين ۽ ٽرائل جو طريقيڪار مختلف هوندو آهي: بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجا حارث جا دليل، عام تاثر آهي ته فوجي عدالت ۾ ٽرائل رڳو سزا ڏيڻ جي حد تائين هوندو آهي، مناسب هوندو اوهان آگاهه ڪري ڇڏيو ته فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ڪهڙن مرحلن مان گذرندو آهي، جسٽس نعيم افغان جا رمارڪس، فوجي عدالت ۾ ويٺل آفيسر ايترو پرفڪيٽ هوندو آهي جو هو ايتري سخت سزا جو تعين ڪري سگهي، فوجي آفيسرن کي بنيادي حق ۽ انصاف لاءِ ملندا آهن يا نه، هو سڀ کي نظر ۾ رکندا: جسٽس جمال مندوخيل جا رمارڪس، ان نقطي جي به وضاحت ڪريو ته فوجي عدالت ۾ فيصلو ڪير لکندو آهي؟ منهنجي ڄاڻ موجب ڪيس ڪو ٻيو ٻڌندو آهي ۽ سزا ڪمانڊنگ آفيسر ڏيندو آهي: جنهن ڪيس ٻڌو ئي ناهي، اهو سزا جزا جو فيصلو ڪيئن ڪري سگهي ٿو؟ جسٽس مسرت هلالي جا رمارڪس.