ٿرپارڪر (ويب ڊيسڪ) تعليم کاتي ٿرپارڪر ضلعي جي 5 سئو 66 گوسڙو استادن ۽ ملازمن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي، چيف مانيٽرنگ آفيسر پاران جاري ڪيل لسٽ ۾ پرائمري سائيڊ جا هڪ سئو 68 استاد ۽ 2 سئو 61 عادي گوسڙو استاد شامل آهن، سيڪنڊري سائيڊ جا 52 ۽ هڪ سئو 15 عادي گوسڙو شامل ڪيا ويا، گوسڙو ملازمن ۾ چوڪيدار به شامل آهن.