ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ڪنگ شاهه رخ جا مداح واقف آهن ته ان جي ڪامياب ڪيريئر جي پويان سندس گھر واري گوري جو تمام وڏو هٿ آهي، پر خبر آهي ته گوري ٻين زالن جي ابتڙ شاهه رخ جي ڪاميابيءَ بجاءِ ان جي فلمن جي فلاپ ٿيڻ جون دعائون گھرندي هئي! ڀارتي ميڊيا ۾ گوري خان جو هڪ انٽرويو شيئر ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ شاهه رخ جي گھرواريءَ جو چوڻ آهي ته مان شاهه رخ جي لاءِ بالي ووڊ ۾ ڪاميابيءَ جون دعائون نه ڪندي هيس، ان جي ابتڙ ان جون فلمون فلاپ ٿيڻ جي لاءِ دعائون گھرندي هيس، ڇو ته مون کي شاهه رخ جي ڪيريئر جي شروعات ۾ مون کي سندس فلمن ۽ ان جي فليم ڪيريئر سان ڪا به دلچسپي نه هوندي هئي. گوري خان چيو ته مون کي شاهه رخ جي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ واري خواهش بلڪل به پسند نه هوندي هئي، جتي سمورو خاندان شاهه رخ جي ڪاميابيءَ لاءِ دعائون ڪندو هو اتي مان ان جي فلمن جي فلاپ ٿيڻ جون دعائون گھرندي هئس.