ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اتحاد ۾ ننڍا ننڍا مسئلا ٿيندا رهندا آهن، پ پ ۽ ن ليگ ملڪ لاءِ سياست کان مٿانهون ٿي ڪم ڪري رهيون آهن، هن وقت ملڪ کي گڏيل سهڪار واري سياست جي ضرورت آهي، سنڌ جي وڏي وزير وفاقي رٿائن ڏانهن ڌيان ڇڪايو، سنڌ ۾ وفاقي حڪومت جي رٿائن تي ڪم هلندڙ آهي، وفاقي حڪومت جي امداد سان هلندڙ رٿائن تي ڪم رڪجڻ نه ڏنو ويندو، ڪراچيءَ ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال جو چوڻ هو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۾ وفاق پنهنجو حصو وجهي رهيو آهي، اڏام پاڪستان پروگرام منصوبي جو مقصد پاڪستان کي سگهارو بڻائڻ آهي، ڪراچي جي دوري تي پهتل وفاقي وزير احسن اقبال جي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه سان ملاقات ڪئي، صوبي ۾ هلندڙ ترقياتي رٿائن تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي.