ڪراچي (شوبز ڊيسڪ) ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه چيو آهي ته پاڪستاني مردن کي بيوقوف بڻائڻ منٽن جو ڪم آهي. سوشل ميڊيا تي حريم شاهه جي هڪ پراڻي پوڊڪاسٽ انٽرويو جو وڊيو ڪلپ اڄ ڪلهه سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي جنهن ۾ حريم شاهه پاڪستاني مردن جي خامين تي ڳالهائي رهي آهي، ان وڊيو ڪلپ ۾ حريم شاهه جو چوڻ هو ته پاڪستاني مردن کي بيوقوف بڻائڻ انتهائي سولو ڪم آهي ۽ هو تمام سولائيءَ سان بيوقوف بڻجي ويندا آهن. ميزبان طرفان جڏهن حريم شاهه کان ان دعويٰ جو سبب پڇيو ويو ته سندس چوڻ هو ته پاڪستاني مردن جو بيوقوف بڻجڻ جو اهم سبب سندن بي لغام خواهشون آهن، کين سندن خواهشن جي ڪري سولائي سان بيوقوف بڻائي سگھجي ٿو.