اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ ڪچي آبادين بابت ڪيس جي ٻڌڻي، وفاقي حڪومت کان ڪچي آبادي بابت پاليسي رپورٽ ٻن هفتن ۾ طلب ڪئي وئي، ان موقعي تي جسٽس امين الدين خان چيو ته ڪچي آبادي کي ريگوليٽ ڪرڻ جو اختيار صوبن ۽ مڪاني حڪومت جو آهي، صوبائي اختيار تي وفاقي حڪومت ڪهڙي قانون سازي ڪري سگهي ٿي، پهريان ته اهو ٻڌايو وڃي ڪچي آبادي هوندي ڇا آهي؟ جسٽس جمال مندوخيل جا رمارڪس ڏنا ته بلوچستان ۾ ته سمورا گهر ڪچا آهن غير قانوني قبضو ڇڏائڻ جا قانون موجود آهن.