ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ٿڌ جي زوردار لهر برقرار آهي، مٿانهن علائقن ۾ برفباري، ڪوهيڙي جو راڄ قائم آهي، ماڻهو گهرن تائين محدود آهن، هنزا ۾ پارو ڪاٽو 11، قلات ۾ ڪاٽو 9، ڪوئيٽا ۾ ڪاٽو 7 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، سياحتي ماڳ گورک هل اسٽيشن تي صبح جي وقت پارو هڪ ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، بلوچستان کان ٿڌين هوائن جو سلسلو سنڌ ۾ داخل ٿيڻ سبب ٿڌ ۾ واڌ اچي وئي آهي، ڪراچي، لاڙڪاڻو، ميرپور خاص، سکر، شهيدبينظير آباد ڊويزن ٿڌ جي لپيٽ ۾ آهن، پنجاب ۾ ڪوهيڙي سبب موٽر وي ايم 2 لاهور کان ڪوٽ مومن تائين بند ڪيو ويو، ايم 5 رحيم يار خان کان روهڙي ۽ لاهور سيالڪوٽ موٽروي ٽرئفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.