ڪرم (ويب ڊيسڪ) ڪرم جي متاثرن لاءِ امدادي سامان سان ڀريل ٽرڪن جو قافلو اڄ ٽل کان روانو ٿيندو، قافلي جي گذر وقت ڪرم جي مک روڊن تي ڪرفيو لاڳو ڪيو ويندو، ڪرم ضلعي ۾ 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ ۽ هٿيارن جي نمائش تي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، ڊپٽي ڪمشنر ڪرم تي فائرنگ جي الزام هيٺ ٻن شڪي جوابدارن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي.