ريتي (ويب ڊيسڪ) ريتي ڀرسان نوجوان مبينا طور اغوا، وارثن جو بازيابيءَ لاءِ احتجاج، کينجهو ٿاڻي جي حد مان هٿياربند نوجوان علي نواز لغاري کي مبينا طور اغوا ڪري ويا، پوليس 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود نوجوان کي بازياب ڪرائي ناهي سگهي: نوجوان جا وارث، پوليس جو چوڻ آهي ته ٽيڪنيڪل بنيادن تحت نوجوان جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، جلد نوجوان کي بازياب ڪرايو ويندو.