ايٿينس (ويب ڊيسڪ) يوناني سمنڊ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 5 ڄڻا ٻُڏي فوت ٿي ويا، 40 ڄڻن جي ڳولا جاري آهي، يوناني ڪوسٽ گارڊز موجب ٻيڙي ۾ سوار 39 ڄڻن کي بچايو ويو آهي، ٻيڙي ۾ سوار مسافرن مان اڪثريت پاڪستانين جي هئي، صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي، ڪميٽي 5 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪندي، محسن نقوي چيو ته انساني اسمگلنگ ناقابل برداشت ڏوهه آهي، انساني اسمگلنگ ۾ ملوث مافياز ڪيترائي گهر تباهه ڪري ڇڏيا آهن، ايف آءِ اي مافيا خلاف ملڪگير ايڪشن کڻي.