تازہ ترین

پرڏيهي سيڙپڪارن کي هر قسم جون سهولتون فراهم ڪبيون: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ  جو چوڻ آهي ته پرڏيهي سيڙپڪارن کي هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ڪراچيءَ ۾ چيني سيڙپڪارن سان معاهدين تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير جو چوڻ هو ته چيني سيڙپڪارن سان سنڌ حڪومت هر طرح جو سهڪار ڪندي، پاڪستان ۽ چين جي مثالي دوستي آهي، چين سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته چيني وفد جي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ٿي هئي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪ-چين دوستيءَ جو بنياد وڌو ۽ صدر آصف علي زرداري سي پيڪ جو بنياد رکيو، سي پيڪ منصوبو ملڪي معيشت مستحڪم ڪندو، اسان سنڌ ۾ ماحول دوست ٽيڪسي سروسز متعارف ڪرائي رهيا آهيون، اسان نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا فراهم ڪري رهيا آهيون. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته هڪ ڌر پاران ناڪاري پروپيگنڊه باوجود سيڙپڪار ملڪ ۾ سيڙپ جي لاءِ اچي رهيا آهن، چيني وفد مختلف شعبن ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي، چيني سيڙپڪارن ميڊيڪل سٽي ٺاهڻ لاءِ دلچسپيءَ جو اظهار پڻ ڪيو آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.